محمد پريل بيدار مڱريو

بيدار مڱريو محمد پريل: اديب، شاعر، مترجم ۽ عالم دين استاد محمد پريل ”بيدار“ مڱريو 8 جنوري 1937ع تي ڳوٺ سنگرار، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو هو. سندس تعليم ايم. اي. سنڌي، ايل. ايل. بي ۽ ايم ايڊ هئي. 1954ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. 1973ع ۾ H.S.T ۽ پوءِ هاءِ اسڪول سنگرار جي هيڊ ماستر طور رٽائرمينٽ ورتائين. مذهب ڏانهن لاڙي سبب مولوي درس نظامي (2005ع، جامع عربي مفتاح العلوم حيدرآباد)، شهادت العالميه (2005ع وفاق المدارس پاڪستان ملتان)، مفتي في الفقه ( 2006ع جامع عربيه انوار العلوم ڪنڊيارو، نوشهروفيروز) ۽ تجويد و قرات القرآن (2007ع، جامع عمر ڪراچي) جهڙا اهم ڪورس ڪيا. في البديهه شاعريءَ ۾ دسترس حاصل هئي. سندس شاعري ماهوار ”شريعت“، ”بيداري“، ”انوار العلوم“ جي سالنامي، نعت نمبر ۽ گل ڦل ۾ شايع ٿيل آهي. سندس ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ بهشتي زيور، تعليم اسلام، ڪشف المحبوب، مطالب القرآن، رشحات الفنون ۽ آخري منزل شامل آهن. ”اسلام بابت نومسلم علماءِ ۽ حڪماءِ جا رايا“ جي عنوان سان سندس قسطوار مضمون ”شريعت“ رسالي ۾ ڇپيل آهن. سندس فرزند انور منصور مڱريو به سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر ۽ محقق آهي. محمد پريل ”بيدار“ مڱريو 25 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي، سندس تدفين ابائي قبرستان سنگرار ۾ ڪئي ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.01.08  عيسوي

اديب، شاعر، مترجم ۽ عالم دين استاد محمد پريل ” بيدار “ مڱريو 8 جنوري 1937ع تي ڳوٺ سنگرار، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو.


2020.12.25  عيسوي

محمد پريل ”بيدار“ مڱريو 25 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الاهي بخش خميساڻي جسٽس
الياس
چنا محمد عالم
حڪيم لقمان
شاهاڻي صاحب سنگھه
غلام عمر عباسي شھيد
حاجي محمد ابراهيم دَل
چانڊيو غلام قادر
ڀٽي سليم اختر
شمس الدين گونگو نظاماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون